ڪنهن مسلمان ملڪ يا خلاف جارحيت جو حصو نه بڻجنداسين: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪنهن مسلمان ملڪ يا خلاف جارحيت جو حصو نه بڻجنداسين، راحيل شريف اين او سي جي لاءِ اپلاءِ ناهي ڪيو، اڳوڻو آفيسر ٻن سالن کان پوءِ ڪيڏانهن وڃڻ چاهي ته اين او سي جي لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو، جڏهن اين او سي جاري ڪئي ويندي ته سينيٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. سينيٽ ۾ پاليسي بيان ڏيندي خواجا آصف چيو ته اسان ڪنهن فرقي خلاف اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين. هن چيو ته سعودي عرب جي سيڪيورٽي اسان جي دلين جي ويجهو آهي، پاڪستان ڪنهن فرقه، مذهب يا فرقي جو ملڪ ناهي بلڪ پاڪستانين جو ملڪ آهي، ايران سان صديون پراڻا لاڳاپا آهن ۽ ايران جا خدشا پري ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *