ڪنهن جي چوڻ تي آئين مان ڪائي شئي ڪڍي يا وجهي نٿي سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته ججز مقرري جي پارليماني ڪميٽي ختم ڪرڻ سان نئون خال پيدا ٿيندو عدليه لاءِ آئين کان ٻاهر وڃڻ مشڪل آهي ڪنهن جي چوڻ تي آئين مان ڪائي شئي ڪڍي يا وجهي نٿي سگهجي خميس تي هتي چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 7 رڪني فل ڪورٽ بئنچ 18هين ۽ 21هين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواست گذار حامد خان چيو ته آئين ۾ عدليه کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي پارليماني ڪميٽي آزاد عدليه ۽ مارليماني نظام جي اصولن جي خلاف آهي جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته قرارداد مقصدن جا نقطا آئين جا خدوخال بيان ڪن ٿا ان تي آئيني ترميم ڪيئن ڪالعدم ڪري جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته عدليه لاءِ آئين کان ٻاهر وڃڻ مشڪل آهي پارليماني ڪميٽي ختم ڪرڻ سان نئون خال پيدا ٿيندو عدليه آئين اندر رهي معاملن کي ڏسندي آهي ڪنهن جي چوڻ تي آئين مان ڪا شئي ڪڍي سگهجي ٿي ۽ نه ئي وجهي سگهجي ٿي پارليمينٽ آئين جي ڪهڙن آرٽيڪلن ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙن ۾ نه ان جو فرق ڪٿي نه آهي درخواست گذار حامد خان چيو ته عدليه رياست پاڪستان جو هڪ ٿنڀ آهي ملڪي نظام ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ۾ انتظاميه ۽ پارليمينٽ جڏهن ته ٻئي ۾ عدليه اچي ٿي پاڪستان جي آئين ۾ رياست جو تصور آهي ان ۾ عدليه شامل نه آهي ڪيس جي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *