ڪنهن به قسم جي اڳرائي ٿي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: سياسي ۽ فوجي قيادت

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل نيشنل ايڪشن پلان تحت 3662 مدرسن جي جيو ٽيڪنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، جن مان 2122 مدرسا ڪراچي ۾ جڏهن ته 1548 حيدرآباد ۾آهن، هي مرحلو جلد مڪمل ٿي ويندو، اها ڳالهه سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ نيپ جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان سي ايم هائوس ۾ ڪوٺايل جائزا اجلاس ۾ اڳيان آئي، اجلاس کي بريفنگڏيندي گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته 9590 مدرسن مان 6503 مدرسن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي، 2920 مدرسن جي رجسٽريشن ٿيڻي آهي، هن چيو ته انهن اڻ رجسٽرڊ مدرسن ۾ 517695 کٿابي داخل آهن، هن ٻڌايو ته مدرسن جي جيو ٽيڪنگ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت ڪراچي جا 2122، جڏهن ته حيدرآباد جي 1548 مدرسن جي جيوٽيڪنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن سان ان جي صحيح لوڪيشن معملوم ٿي سگهندي، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر ٻڌايو ته مختلف الزامن سبب 167 مدرسا سيل ڪيا ويا آهن، ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين جي 21 مدرسن کي شڪي هئڻ ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي جن مان ڪجهه مدرسن ۾ نفرت ڦهلائيندڙ مواد هٿ ڪرڻ کانپوءِ انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، وڏي وزير سمورن عالمن پاران مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي تي تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، هن آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته رجسٽريشن ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي معاملي تي عالم سڳورن سان رابطي ۾ رهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته 36278 افغانين کي آگسٽ 2015 تائين صوبي مان واپس اماڻيو ويو آهي، غير قانوني افغان رهواسين خلاف 720 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن تحت 2100 کي گرفتار ڪر ي 1309 کي نامزد ۽ 593 کي جوڊيشل ڪسٽڊي ڪيو ويو، جڏهن ته 356 ضمانت تي آزاد ٿيا ۽ 222 غير قانوني افعان رهواسين کي آءِ جي جيل پاران واپس اماڻيو ويو آهي، ان موقعي تي آپريشن دوران آگسٽ 2015 تائين سنگين ڏوهن جي جوابدارن کي رينجرز جي حوالي ڪرڻجي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي آءِ جي چيو ته 495 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان 489 چالان ٿيا، 6 جي جا ڪئي پئي وڃي، 2 جوابدارن فرد جرم لاڳو ٿيو ۽ 4 بريڪيو ويو، انهن مان 462 هن وقت مختلف جيلن ۾ آهن، 21 ضمانت تي آهن، آءِ جي سنڌ پوليس سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته جرنل راحيل شريف سنڌ پوليس کي جديد اصلحو فراهم ڪيو هو ۽ وڌيڪ جديد اصلحو ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، وڏي وزير چيو ته آرمي چيف جرنل راحيل شريف جي ذاتي دلچسپي سبب آپريشن ۾ مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، هو پوليس اسٽيشن کي جديد ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي ٿو ته هي تمام سٺو قدم آهي، اجلاس جي صدارت کانپوءِ وڏو وزير اسلام آباد روانو ٿي ويو جتي هو سڀاڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ نيپ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *