ڪنهن به سونامي کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي لاڙڪاڻي ۾ جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي،کين ڪنهن به سونامي کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته مهذب ماڻهو عمران خان ۽ شيخ رشيد جهڙي زبان استعمال ناهن ڪندا،جمهوريت جو اهو مطلب ناهي ته سياسي اڳواڻن کي گاريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي پر عمران خان کي پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. شرجيل ميمڻ چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ عمران خان جي ڪراچي اچڻ تي پابندي هئي پر هــُو اهڙي سوچ نه ٿا رکن،سڀني کي ملڪ ۾ ڪٿي به جلسو ڪرڻ جو حق آهي. هن چيو ته عمران خان اڄ تائين طالبان کي دهشتگرد قرار ناهي ڏنو ڇاڪاڻ ته اهي پي ٽي آءِ سربراهه جا قومي هيروز آهن. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان ته زهريٰ شاهد جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ به تيار نه هو،پوليس زهريٰ شاهد جي قاتلن کي گرفتار ڪيو پر پي تي آءِ سربراهه اڄ تائين اهو پڇڻ جي زحمت به ناهي ڪئي ته قاتل ڪير آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *