ڪنهن به آفيسر خلاف نيب ۾ ڪيس داخل ٿيو ته اُن کي ترقي نه ڏني ويندي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م.ڊ) ڪنهن به سرڪاري آفيسر خلاف نيب ۾ ڪيس داخل ٿيو ته اُن کي ترقي نه ڏني ويندي، آفيسرز جِي ترقين واري معاملي تي ٽن سالن ۾ فيصلو ڪيو ويندو، وفاقي سرڪار جا سول سروسز ريفارمز جي 6 سيڪشنز بابت اهم فيصلا، وزيراعظم عمران خان سرڪاري ادارن ۾ سُڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي، وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اينيوئل ڪانفيڊنشل رپورٽس ۾ 3 ڀيرا جِن آفيسرز جي ڪارڪردگي خراب آئي ته اُن کي رٽائر ڪيو ويندو، ڪنهن آفيسر خلاف شڪايت آئي ته اُن کان 14 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو ويندو، جاچ ڪميٽي 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي پابند هوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *