ڪنب ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي حادثو، 2 ٻارڙن سميت هڪ عورت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي

ڪنب (نمائندو) ڪنب ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي جاگير آغا هاشم شاهه وٽ نوابشاهه کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪلٽس ڪار جو موٽر سائڪلسوارن سان ٽڪر 2 ٻارڙن سميت هڪ عورت فوت هڪ ٻارڙو زخمي، ڊائيور ڪار سميت فرار ٿي رهيو هيو ته ڳوٺاڻن سندس پيشو ڪري جهنڊا شاخ وٽان کيس پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو ويو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن نواب خاتون زال مبارڪ علي، تاج محمد ، سمين عباس گوپانگ جا لاش کڻي سندس وارثن ڪنب نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي واري هنڌ تي ڪنب پوليس پهچي متاثرين کي انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. آخري اطلاع تائين روڊ حادثي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. پوليس ۽ ڳوٺاڻن پاران ناڪابندي ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪارڊرائيور عبدالله چاچڙ کي جهنڊا شاخ ڀرسان گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ٽنهي فوتين جا لاش ڪنب لڳ ڳوٺ غلام رضا گوپانگ ۾ سندن جي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو. واضع رهي ته مزڪورا فوتي خاندان موٽر سائيڪل تي دوا وٺڻ جي لاءِ اسپتال وڃي رهيا هيا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *