ڪم ڪرڻ جا ڏينھن آھن، اداڪارا حانيا عامر شادي جي آڇ ٿڏي ڇڏي

 

لاهور(شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا حانيا عامر تي ڪو دل هارائي ويٺو پر حانيا عامر شادي جي آڇ ٿڏي ڇڏي آهي.ٻڌايو ويو آهي ته حانيا عامر کي هڪ مشهور اداڪار شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته اڃان منهنجي ڪم ڪرڻ جا ڏينهن آهن ان لاءِ مان شادي جي چڪر ۾ نه ٿي پوڻ چاهيان ۽ هونئن به اڃان عمر ايتري گهڻي ناهي.اها به خبر پئي آهي ته حانيا عامر ۽ ذڪر ڪيل اداڪار جي دوستي ڪجهه عرصو اڳ ئي شروع ٿي هئي جڏهن ته اداڪار شروعات ۾ ئي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.ياد رهي ته حانيا عامر ٽي وي ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي ۽ تمام گهٽ عرصي ۾ مقبول ٿي چڪي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *