ڪميٽي چوڪ تي اچڻ جو واعدو ڪيو هو سو اچي ويو آهيان، نواز شريف اچي گرفتار ڪري: شيخ رشيد

لاهور(م.ڊ) پنجاب حڪومت عمران خان ۽ شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. زعيم قادري جو چوڻ آهي ته جيڪو به جلسي لاءِ ايندو، کيس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري چيو ته عمران خان هجي يا شيخ رشيد، ڪنهن کي به قلم 144 ٽوڙن جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ رڳو هڪ روڊ تي رنڊڪون وڌيون آهن، جنهن لاءِ معافي وٺون ٿا.  هن چيو ته انتظاميا جي ذميواري هجي ٿي ته اها موقعي جي نسبت سان ڪيتري فورس استعمال ڪري ٿي. ڪنهن وقت ۽ ڪيتري فورس استعمال ڪرڻي آهي اهو فيصلو اتنظاميا موقعو ڏسي ڪندي.  هن چيوته هنن کي لال حويلي اچڻو ئي هو ته رات جي پيٽ ۾ ڇڏي ڀڄي ڇو ويا؟ شيخ رشيد ڪُوئي جيان ٻِرَ ۾ لِڪي ويو آهي، زعيم قادري چيو ته شيخ رشيد قانون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، شيخ رشيد ڪٿي به هجي کيس سرڪاري مهمان ضرور بڻائينداسين. ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن عمران خان قانون تي عمل ڪندو ته اهلڪار سندس حفاظت ڪندا، پر جيڪڏهن هُن قانون هٿ ۾ کنيو ته اڳواڻ ۽ ڪارڪن ۾ ڪو فرق نه رکنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *