ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي ئي استعيفائون واپس وٺڻ جي درخواست ڏينداسين: فاروق ستار جو فضل الرحمان کي فون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو. فاروق ستار چيو ته ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو، ان کان پوءِ استعيفائون واپس وٺڻ جي درخواست ڏينداسين.ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ فاروق ستار جي يو آئي(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيلي فون تي ڳالهايو. فاروق ستار ڳالهين بابت الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي سان صلاح مشوري تي مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ۾ ورتو.فاروق ستار جو چوڻ آهي ته حڪومت  شڪايتن جي ازالي واري ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ته استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ باقائده درخواست ڏينداسين.مولانا فضل الرحمان چيو ته هو ان معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهائيندو ۽ جلد ڪميٽي ٺهڻ کي يقيني بڻائينداسين. حڪومت چاهي ٿي ته معملا سٺي ماحول ۾ تڪڙا حل ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *