ڪميشن چونڊون شفاف قرار ڏئي ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته عمران ڌرڻو نه هڻندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس خاندان جي خلاف بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل منصوبن جي مخالفت ڪري رهيو آهي، شريف خاندان جا سمورا اثاثا سدائين رڪارڊ تي رهيا، عمران خان جي جائيداد جو رڪارڊ اڄ به صحيح نه آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جهازن جا مالڪ غريبن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ وزيراعظم نواز شريف، حڪومتي وزيرن اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا ۽ ٽيڪسن جا گوشوارا جمع ڪرايا، عمران خان ٻين بابت ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي آهي ۽ جڏهن ٻيا سندس باري ۾ سچ ڳالهائين ٿا ته کيس خراب لڳي ٿو. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته عمران خان چنيوٽ ۾ چناب درياءِ تي جنهن پل جي مخالفت ڪري رهيو آهي اها شگر ملز کان 50 ميل جي مفاصلي تي آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان رمضان شگر ملز بابت حقيقتن جي خلاف ڳالهه ڪئي جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران چنيوٽ ۾ پل ٺاهڻ تي عمران خان کي خوش ٿيڻ گهرجي ها. پي ٽي آءِ جي سربراهه جي عادت آهي ته هو هر ڏينهن بي بنياد اشوز تي پريس ڪانفرنسون ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي وليمي جي دعوت جي ڏينهن به پريس ڪانفرنس کان باز نه آيو. اطلاعات واري وزير چيو ته جوڊيشل ڪميشن بابت عمران خان پراڻيون ڳالهيون ورجايون. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان ڪميشن ٺاهڻ چاهيون ٿا پر عمران خان نه ٿو چاهي ڇو ته هو ڪنهن ڪميشن جي فيصلي کي تسليم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خان ڪميشن کان ڀڄي رهيو آهي، هو جن چئن تڪن ۾ ڌانڌلي جا الزام هڻي رهيو آهي انهن الزامن جو پول کلي ويو آهي، ڪنهن تڪ ۾ ڌانڌلي جا الزام ثابت ناهن ٿيا. هن چيو ته عمران خان کي ٻين بابت ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي، اسان وٽ ڪي بي نام اثاثا نه آهن، اسان مان هر ڪو انڪم ٽيڪس جمع ڪرائي ٿو. هن چيو ته شريف فيملي جي ڪاورباري ادارن جي عمر پاڪستان جي عمر کان وڌيڪ آهي، 1970ع ۾ جڏهن 22 صنعتن کي نيشنلائيزڊ ڪيو ويو ته ان ۾ ميان شريف جون صنعتون به شامل هيون. هن چيو ته حيرت آهي ته پرائيويٽ جهاز ۾ سفر ڪندڙ ٻين تي آڱريون کڻي رهيا آهن، اسان وٽ عمران وانگر 100 ڪينال جو گهر نه آهي. هن چيو ته عمران شيشي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي پٿر هڻڻ کان پاسو ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اليڪشن ٽربيونلز ۾ پيش نه ٿيو، هو 8 مهينن تائين عدالت ۾ حاضر نه ٿيو. هن چيو ته عمران خان رڳو ان انصاف کي مڃي ٿو جيڪو پي ٽي آءِ چيئرمين ڪري ٿو، هو چيف جسٽس، اليڪشن ٽربيونل يا ڪنهن عدالت جو انصاف نه ٿو مڃي، 4 تڪن بابت جيڪي بي بنياد الزام هنيا ويا اهي غلط ثابت ٿيا. هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن ٺهڻ تي جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن به چونڊن کي شفاف قرار ڏئي ڇڏيو ته پو ڇا عمران خان جوڊيشل ڪميشن جي خلاف ڌرڻو هڻندو. عمران خان نجم سيٺي تي 35 پنڪچر جو الزام هنيو ۽ نجم سيٺي انصاف لاءِ عدالت هليو ويو، عمران خان سمجهي ٿو ته انصاف رڳو تحريڪ انصاف جو ميراث آهي ۽ هو اڄ تائين ان ڪيس ۾ پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت کي عمران خان جي رهائشگاهه تي اشتهار هڻڻو پيو ۽ ڪجهه اخبارن به شايع ڪيو ته عمران خان کليل طور پيش ٿيڻ کان لاچار آهي ۽ روپوش آهي، اسان کيس مفرور نه چيو، هن چيو ته عمران خان عدالت ۾ معافي نامو جمع ڪرايو ته هو آئنده ڪڏهن الزام بازي نه ڪندو، عدليه جو احترام ڪندو. هن چيو ته عمران خان جي دل ۾ عدالتن جي فيصلن جو جيڪو احترام آهي اسان کي ان جي خبر آهي، فيصلا اچي به وڃن هو پوءِ به تڪرار جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه گهپلن جي ڪيس ۾ ملوث ڏوهارين جي حمايت ڪري رهيو آهي، هو اهو ڪيس ميڊيا تي وڙهي رهيو آهي، عمران خان جي اخلاقيات جي سياست جو معيار اهو آهي ته عوامي فائدي لاءِ ٺهندڙ پل تي اعتراض ڪري ٿو جڏهن ته سياستدانن کي پل، اسڪول، اسپتال نه ٺهڻ تي اعتراض هوندو آهي. هن چيو ته عمران خان اي پي سي ۾ فوجي عدالتن کي مڃي هاڻي پاڻ ئي ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڄ جن فوجي عدالتن جي مخالفت ڪري رهيو آهي، انهن عدالتن ۾ دهشتگردن جا ڪيس هلائڻا آهن، جن اسان جي معصوم ٻارن، شهرين ۽ فوجي جوانن کي شهيد ڪيو ۽ اسان جي عبادتگاهن، درسگاهن کي نشانو بڻايو. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان باقي صوبن ۾ پوليس ۾ سياسي مقررين جو الزام هڻي ٿو جڏهن ته بني گالا جي تخت تان هو خيبرپختونخواهه جي پوليس کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو ۽ انهي رويي تي اتان جي چيف سيڪريٽري استعيفيٰ ڏني ۽ چيو ته هو بني گالا جي مداخلت ۾ ڪم نه ٿو ڪرڻ چاهي. ڪي پي ڪي جو جيڪو نئون چيف سيڪريٽري مقرر ٿيو ان جي خلاف نيب ۾ ڪيس آهن جڏهن ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ان جون صفايون پيش ڪري رهيو آهي. پنجاب صوبي جي گورنر چوڌري سرور جي استعيفيٰ بابت هڪ سوال تي هن چيو ته گورنر جو آئيني ڪردار هوندو آهي، چوڌري سرور پنهنجي آئيني ڪردار کان ٻاهر ٿي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿئي، اسان جي دعا آهي ته هو جنهن نئين سفر جي شروعات ڪري رهيو آهي کيس ڪاميابي ملي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پرويز مشرف اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ جي لاءِ غلط پتي تي درخواست موڪلي، کيس گهرجي ته گهرو وزارت بدران سپريم ڪورٽ درخواست موڪلي. اطلاعات واري وزير چيو ته هي اهي حقيقتون آهن جيڪي اسان ميڊيا ۽ عوام آڏو آڻڻ ضروري سمجهون ٿا، جيڪڏهن توهان کي ڪوڙ لڳي ٿو ته جهڙي طرح نجم سيٺي عمران خان کي عدالت ۾ وٺي ويو عمران خان به اسان کي عدالت ۾ وٺي وڃي، آئون سائيڪل تي اچي هر تاريخ تي عدالت پهچندس، جهانگير ترين به مون کي عدالت وٺي وڃڻ جو چيو هو، آئون انتظار ۾ آهيان ته هو ڪڏهن مون کي عدالت وٺي ويندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري دانيال عزيز بلدياتي چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پنجاب ۽ وفاقي حڪومت تڪبندين جي اعتراضن جي حوالي سان اختيار اليڪشن ڪميشن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا. مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ به پنجاب ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ۽ هي واحد پارٽي آهي جنهن بلوچستان ۾ نيشنل پارٽي کي اقتدار جو موقعو ڏنو جنهن اتي بلدياتي چونڊون ڪرايون، ان لاءِ اسان سمجهون ٿا ته بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪاميابي ملي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *