ڪمند ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن کي مناسب اگهه ناهي مليو، اپاءَ ورتا وڃن: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا هلندڙ سال 11 لک ٽن ڪڻڪ خريداري ڪرڻ ۽ امدادي اگهه 13 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير قائم علي شاهه  غير قانوني مدرسن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪمند ۽ ڪڻڪ جا آبادگار مناسب اگهه نه ملڻ سبب پريشان آهن، انهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.      سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ  ٿيو  آهي،  جنهن دوران آءِ جي سنڌ امن امان بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لياري گينگ وار جا 260 دهشتگرد، القاعدا ۽ ٽي ٽي پي جا 177 دهشتگرد ماريا ويا آهن.  هن ٻڌايو ته اي ٽي سيز ۾ 3949 ڪيسز هلي رهيا آهن، جن مان 45 ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 109 ڪيسز ۾ جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوجي عدالتن پاران 3 ڪيسز ۾ دهشتگردن کي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته شڪارپور سانحي ۾ ملوث وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو تعلق تحريڪ طالبان سان آهي. هن ٻڌايو ته اسڪولن  جي سڪيورٽي لاءِ ريپڊ ريسپانس فورس جا 3 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. وڏي وزير  آءِ جي سنڌ کي ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ غيرقانوني مدرسن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ ۽ چيف سيڪريٽري کي  اي ٽي سيز جي 10 نين عمارتن جي تعمير وارو ڪم تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ڪمند ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن کي مناسب اگهه نه مليو آهي، جنهن سبب اهي پريشان آهن. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته هلندڙ سال 14 لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار لهڻ جو امڪان آهي، اجلاس دوران 11 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 1300 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 2300 کان وڌيڪ افغانين کي گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي، وڏي وزير غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ ۽ پوليس کي رينجرز سان رابطا وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 1762 ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن جن تي 16.18 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ انهن اسڪيمن مان 590 نيون اسڪيمون آهن. پلاننگ کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته آبپاشي کاتي ترقياتي بجيٽ مان 83 سيڪڙو رقم خرچ ڪري چڪو آهي، توانائي ۽ ٿرڪول تي 67-67 سيڪڙو رقم خرچ ٿي چڪي آهي. وڏي وزير ترقياتي اسڪيمون جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ کي روڪڻ لاءِ به اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران ناڻي ۽ پلاننگ واري کاتي جي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته ٿر  ڪول جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته وڏي وزير تعليم کاتي جي اسڪيمن کي جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير منظور وساڻ سموريون اسڪيمون عام چونڊن کان اڳ مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڪابه اسڪيم ٻن سالن اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو حڪومت جي ڪارڪردگي ڏسڻ چاهن ٿا. اجلاس دوران ڪجهه وزيرن جي غير موجودگي تي  وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *