ڪمند جا اگهه وڌائڻ بابت درخواستن تي شگر ملز مالڪن کي نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ســُپريم ڪورٽ، ڪمند جا اگهه وڌائڻ بابت داخل درخواستن تي شگر ملز مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شگر ملز مالڪن جي وڪيل حفيظ پيرزادي دليل ڏيندي چيو ته ڪمند جي قيمت وڌائڻ کان پهرين کنڊ جو اگهه به وڌايو وڃي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ڌرين کي ٻڌڻ کان اڳ کنڊ جون قيمتون وڌائڻ جو حڪم نه ٿي ڏئي سگهي. درخواستگذار جي وڪيل چوڌري اڪرام دليل ڏيندي چيو ته زمينن تي بيٺل ڪمند سڪي رهيو آهي،جڏهن ته شگر ملز مالڪ سرڪار پاران مقرر ڪيل ڪمند جو اگهه نه ڏئي رهيا آهن . عدالت شگر ملز مالڪن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *