ڪمرشل جهاز ۾ پائليٽ طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جي خواهش آهي: رابي پيرزادا

لاهور(شوبز نيوز) رابي پيرزادا چيو آهي ته مون گهڻو عرصو اڳ ننڍا جهاز اڏائڻ جي تربيت مڪمل ڪري ورتي هئي پر شوبز جي مصروفيتن سبب ان طرف توجهه نه ڏئي سگهيس.جڏهن ته هاڻ مون پڪو ارادو ڪري ورتو آهي ته مان ڪمرشل جهازن جي اڏام لاءِ پائليٽ طور ڪم ڪرڻ چاهينديس ۽ ان حوالي سان آئون جلد لائسنس لاءِ درخواست به ڏينديس.هن چيو ته مون کان اڳ گهڻيون ئي عورتون ڪمرشل جهازن ۾ پائليٽ جي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هاڻ جلد مان به پائليٽ طور پنهنجين صلاحيتن کي مڃرائينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *