ڪلڀوشن يادي جي ڪا به سزا معاف ناهي ڪئي، آرڊيننس نه آڻيون ها ته ڀارت عالمي قانون مان فائدو کڻي ها:فروغ نسيم

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ گذريل ٻئي ينهن به ڪلبوشن ياديو بابت جاري ڪيل آرڊيننس پيش نه ٿي سگهيو جڏهن ته قانون واري وزير فروغ نسيم ايوان ۾ آرڊيننس بابت تفصيل/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 07

ي وضاحت پيش ڪندي چيو ته انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي جي روشني ۾  آرڊيننس جاري ڪيو ويو هي آرڊيننس نه ڪنهن مخصوص شخص نه اين آر او آهي هي هاءِ سيڪيورٽي اشو آهي جيڪڏهن پاڪستان قونصلر پهچ نه ڏيندو ته ڀارت عالمي دنيا ۾ شور ڪندو ۽ جيڪڏهن آرڊيننس نه آڻيون ها ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ وڃي ها آرڊيننس هاڻي پاڪستان ڀارت جا هٿ وڍي ڇڏيا آهن حساس سيڪيورٽي معاملو آهي سياست نه ڪئي وڃي جمعي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ فروغ نسيم عالمي عدالت جي فيصلي جي سلسلي ۾ جاري ڪيل آرڊيننس تي تفصيلي وضاحت ڪئي هن چيو ته گذريل ڏينهن ڀارتي را ايجنٽ بابت هڪ آرڊيننس آيو حقيقتن کان سڀني کي باخبر ڪرڻ پنهنجي ذميواري سمجهان ٿو ڪجهه تاريخون ان ۾ اهم آهن، 3 مارچ 2016 تي ڪلبوشن کي گرفتار ڪيو ويو فروغ نسيم چيو ته ان وقت جي وفاقي حڪومت ٺيڪ فيصلو ڪيو هوندو ته قونصلر پهچ ناهي ڏيڻي، 8 مئي 2017 تي ڀارت ڪلبوشن ڪيس عالمي عدالت ۾ کڻي ويو هن چيو ته عالمي عدالت ڪلبوشن ياديو کي قونصلر پهچ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو عالمي عدالت ڪلبوشن ياديو کي آزاد ڪرڻ جي ڀارتي اپيل رد ڪئي هن چيو ته عالمي عدالت جي فيصلي سبب آرڊيننس جاري ڪيو ويو هي آرڊيننس اين آر او نه آهي اين آر او پرويز مشرف جاري ڪيو هو. فروغ نسيم چيو ته اسان کي انٽرنيشنل ڪوٽ آف جسٽس جي فيصلن کي تسليم ڪرڻو آهي جڏهن ايئن نه ڪريون ته ڀارت اسان جي خلاف وڃي پابنديون هڻائي سگهي ٿو هن چيو ته اپوزيشن اعتراض ڪيو ته آرڊيننس بنائڻ کان اڳ اسان کي ڇڏو نه ٻڌايو اهو ڪٿي ناهي لکيو ته آرڊيننس آڻڻ کان اڳ اپوزيشن کان پڇو، هن آرڊيننس کي ڪنهن ويهاڻي جي هيٺان لکي ڪنهن ناهي ٺاهيو سزا ختم، آءِ سي جي ڪئي ان حڪومت به نه ڪئي جيڪڏهن سزا ختم ڪئي وڃي ها ته مان اوهان سان گڏ بيهي احتجاج ڪيان ها فروغ نسيم چيو ته ڪنهن تي ڪوئي الزام لڳائڻ نٿو چاهي مان ڪنهن کي مودي جو يار ڪڏهن به ناهي چيڪ رڳو وضاحت ڪري رهيو آهيان قانون واري وزير طور اها منهنجي ذميواري آهي هن چيو ته منهنجو فرض آهي ته اوهان کي حقيقتون ٻڌايان اوهان ڀلي سياست ڪريو حساس سيڪيورٽي معاملو آهي سياست نه ڪئي وڃي هن چيو ته اٽارني جنرل دفتر آرڊيننس بابت بين الاقوامي وڪيلن کان به راءِ ورتي هن چيو ته انهن وڪيلن جي راءِ جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويا حڪومت جو اهو موقف نه آهي فوجي عدالت جي فيصلي کي ختم ڪيو وڃي مان اپوزيشن جي سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *