ڪليان مباپي دنيا جو مهانگو ترين فٽبالر بڻجي ويو

پيرس(اسپورٽس نيوز) فرانس جو ڪليان مباپي دنيا جو مهانگو ترين فٽبالر بڻجي ويو.23 ورهين جي مباپي وڌيڪ ٽن سالن لاءِ پي ايس جي سان معاهدو سائن ڪري ورتو.پرڏيهي خابروا داري موجب ڪليان مباپي کي نئين معاهدي تحت ماهوار 4 ملين پائونڊز ملندا، ساليانو 48 ملين پائونڊ ڪمائي سان مباپي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فٽبالر بڻجي ويندو.پي ايس جي سان معاهدو برقرار رکڻ لاءِ مباپي اسپينش ڪلب ريال ميڊرڊ جي آڇ ٿڏي ڇڏي آهي.ٻئي پاسي ڪليان مباپي جي پي ايس جي سان ڊيل تي يورپي فٽبال ۾ نئون تڪرار شروع ٿي پيو آهي، اسپينش ليگ لاليگا فرانسيسي ڪلب خلاف باضابطا شڪايت ڪري ڇڏي آهي.لاليگا موجب گذريل ٻن سالن دوران خسارو ظاهر ڪندڙ ڪلب هڪ پليئر کي ايتري رقم ڪيئن ڏئي سگهي ٿو.لاليگا انتظاميا جو چوڻ آهي ته پي ايس جي فٽبال جي حفاظت لاءِ قائم قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *