ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو: صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين طرفان گهري ڏُک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ مختلف پارٽين جي سياسي اڳواڻن بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف جي گهرواري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته بيگم ڪلثوم نواز بهادر عورت هئي، حڪومت شريف خاندان کي قانون موجب سهولتون فراهم ڪندي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار طرفان به تعزيتي بيان جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته الله پاڪ بيگم ڪلثوم نواز کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي مرحوما جي خاندان کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بيگم ڪلثوم نواز هڪ بهادر عورت هئي، جنهن جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته ڪلثوم نواز هڪ اعليٰ شخصيت جي مالڪ هئي، منهنجو دعائون نواز شريف ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ آهن. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪلثوم نواز بهادر عورت هئي، جنهن جي لاڏاڻي تي ڏاڍو ڏُک پهتو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوما جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي. ان سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪاوڙيل اڳواڻ علي رضا عابدي، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ زاهد خان، پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاصل بزنجي ۽ ٻين به بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *