ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري ہ رڳ آهي، جلد ئي ڪشمير بڻجندو پاڪستان : ناصر شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو اهي ته اسان سال جا 365 ڏينهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي جدوجهد ۾ گڏ آهيون پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو 5 فيبروري تي ڪشمير سان ٻڌي جو ڏهاڙو مقرر ڪيو ته جيئن اسان سمورا پاڪستاني گڏجي پنهنجن ڪشميرين سان هڪ آواز ۾ ٻڌي جو مظاهرو ڪيون اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ فيريئر هال ۾ رٿيل ڪشمير ايڪتا تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو ناصر حسين شاهه چيو ته اڄ پوري قوم بنا ڪنهن فرق ۽ سياسي لاڳاپن جي ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ گڏ آهي ۽ رهندي جيستائين ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب نٿا ٿين صوبائي وزير چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري وڏڙن جوانن ڀينرن نياڻين کان شرمسار به آهيون جيڪي وقت سخت ازيت ۾ آهن مودي سرڪار جيڪو انهن تي ظلم ۽ ورتا ڪري رهي آهي اهو بيان ڪرڻ جوڳو نه اهي هن چيو ته عالمي ادارا وڏي دعويٰ ڪن ٿا پر انهن کي ڪشمير تي ٿيندڙ طلم نظر نٿو اچي اقوام متحده ۽ ٻيون عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن هن چيو ته ڪشمير ۾ ڳڻپ ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي سندن حق ملڻ گهرجي اڄوڪي ڏينهن سڄي دنيا ۾ هڪ ئي آواز وڃڻ گهرجي ته اسان هن مسئلي تي متفق آهيون ۽ ڪائي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي ڳالهه نه ڪنداسين تقريب کي ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر لئق احمد، پ پ جي اڳواڻ سردار نذاڪت ۽ ٻين خطاب ڪيو تقريب جي پڄاڻي تي فيريئر هال کان فاطمه جناح روڊ تائين ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *