ڪشمير معاملي تي ٽياڪڙي جي آجيان، ٽرمپ انتظاميه سان ويجها لاڳاپا چاهيون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان آمريڪا جي نئين انتظاميه سان ويجهن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ- آمريڪا لاڳاپا ستن ڏهاڪن تي مشتمل آهن، نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي واري آڇ جي آجيان ڪريون ٿا. آمريڪا ۾ سياسي تبديلي معمول مطابق آهي ۽ ان سان ٻه طرفه لاڳاپا متاثر نه ٿيندا. برطانوي وزيراعظم جي ڀارت جي دؤري دوران ڪشمير تڪرار نظر انداز ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو آهي. اهو معاملو سلامتي ڪائونسل جي سمورن مستقل ميمبرن جي سامهون اُٿارينداسين. پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. پاڪ سعودي لاڳاپن جو بنياد اونهو آهي. سعودي عرب مشاق ۽ جي ايف 17 ٿنڊر جهازن ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جو ڪو وجود نه آهي، تخريبي سرگرمين ۾ ملوث 8 مان 6 ڀارتي سفارتڪار پنهنجي ملڪ واپس هليا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ دوران پاڪ- آمريڪا لاڳاپن بابت صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گذريل ستن ڏهاڪن کان لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان آمريڪا جي نئين انتظاميه سان ويجهن ناتن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان معيشت، دفاع، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن سميت گهڻ رُخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، اسان ڪشمير تڪرار تي نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي خوداراديت واري حق لاءِ قربانيون ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان لاڳيتن ظلمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي آهي. حقاني نيٽ ورڪ بابت سوال تي هن چيو ته هلندڙ سال جولاءِ کان هيستائين حقاني نيٽ ورڪ جا 8 ڪمانڊرز افغانستان ۾ ماريا ويا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان نيٽ ورڪ جو پاڪستان ۾ ڪو وجود ناهي. افغانستان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، جيڪو نه رڳو ٻنهي ملڪن بلڪ سموري خطي جي مفاد وٽان آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. سعودي آرمي چيف جي پاڪستان واري دؤري بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جا بنياد گهيرا ۽ مستحڪم آهن، سعودي عرب جي ايف 17 ٿنڊر ۽ مشاق جهازن جي خريداريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. ڀارت طرفان سنڌ طاس جي ڀڃڪڙيءَ بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ٽياڪڙي عدالت قائم ڪرڻ لاءِ عالمي بئنڪ سان رجوع ڪيو آهي. ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ جعلي مقابلن ۾ مسلمانن کي مارڻ بابت سوال تي ترجمان چيو ته عالمي برادري پڻ ڀارت ۾ مسلمانن سميت ٻين اقليتن جي صورتحال تي گهيري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *