ڪشمير مسئلي جي حوالي سان منهنجي شهرت کي نقصان نٿو پهچائي سگهجي: مهوش حيات

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان منهنجي شهرت کي نقصان نٿو پهچائي سگهجي.ڪشمير مسئلي تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ تنقيد جو نشانو بنجندڙ پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات چيو آهي ته مون کي ڪنهن به قسم جي وضاحت ڏيڻ جي ضرورت ناهي. جنهن ايونٽ جي وڊيو کي کڻي مون کي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. ان ايونٽ جي دوران مان ڪشمير جي معاملي تي ڳالهايو هو. جنهن جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي جڏهن ته اهڙيون ٻيون به وڊيو ڪلپس موجود آهن. اداڪاره چيو ته منهنجو مستقبل خراب ڪرڻ کان اڳ تنقيد ڪندڙ پهرين سموري معاملي کي پوري طرح سمجهي وٺن.ڪشمير معاملي کي کڻي منهنجي شهرت کي داغدار نٿو ڪري سگهجي. مان ڪشمير جي ڪري ائين ئي وڙهندس جيئن پهريان وڙهندي رهي آهيان. اداڪاره وڌيڪ چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته منهنجي راءِ جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ مان ڪڏهن به ناانصافين جي خلاف وڙهڻ کان شرمنده نه ٿيندس ۽ نه وري پوئتي هٽندس.واضح رهي ته مهوش حيات جي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائڻ  کان انڪار ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي هئي جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان کيس مليل نشان امتياز واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *