ڪشمير مسئلي جي حل جي شروعات ٿي چڪي آهي ، انوپم کير جي ٽوئيٽ تي پاڪستاني فنڪارن جي ڇتي تنقيد

 

ڪراچي  (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انوپم کير طرفان والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 70 هزار ڀارتي فوج جي مقرري ۽ ڀارتي حڪومت جي والاريل ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي اعلان جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستاني فنڪارن انوپم کير کي تنقيد جو نشانو بڻايو.گذريل ڏينهن بالي ووڊ اداڪار انوپم کير مودي حڪومت جي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ واري  فيصلي تي تعصباڻو ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته ڪشمير مسئلي جي حل جي شروعات ٿي چڪي آهي.انوپم کير  جي ان ٽوئيٽ تي رد عمل ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ هاڻ پاڪستاني فنڪارن طرفان به هن کي ڪشميرين جي نسل ڪشي جي حمايت ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.اداڪارا ارمينا خان انوپم کير جي ان تعصباڻي ٽوئيٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙي ٻولي جنگ عظيم دوران لکين يهودين جي قتل عام کان اڳ به استعمال ڪئي وئي هئي. اهو لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا آهن، مون کي سوچيندي ڊپ محسوس ٿي رهيو آهي ته ڇا اسان هڪ ٻئي ڪاري دور ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيو.ارمينا خان انوپم کير جي سوچ تي تنقيد ڪندي چيو ته تاريخ اهڙن ماڻهن تي رحم نه ڪندي جيڪي وڏي پيمانبي تي نسل ڪشي جو مطالبو ڪندا آهن.اداڪارا ارمينا خان کان سواءِ ناليواري ٽي وي اداڪار عثمان مختيار به انوپم کير تي تنقيد ڪندي چيو ته مسٽر کير اوهان جي نظر ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪشمير مسئلي جو حل  آهي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *