ڪشمير مسئلي جو ڪرپشن سان واسطو ناهي، ڀارتي فضائي حدون مناسب وقت تي بند ڪنداسين: شاهه محمود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي پر فيصلو وزيراعظم مناسب ۽ پنهنجي پسند جي وقت تي ڪندو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، نوجوانن کي گرفتار ڪري انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، اسلامڪ ڪميونٽي فار نارٿ آمريڪا کي درخواست آهي ته اتان جا ماڻهو ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز اٿارين. هن چيو ته ڪشميرين سان ناانصافي ۽ ظلم ٿي رهيو آهي، والاريل وادي ۾ ڪشميرين جا حق پامال ٿي رهيا آهن، اڄ هٽلر جي سوچ مودي جي صورت ۾ ننڍي کنڊ تي مڙهي پئي وڃي، هر ڪنهن کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، تاريخ ۾ اهڙي بليڪ آئوٽ جو مثال نٿو ملي جهڙو والاريل ڪشمير ۾ ڪيو ويو، ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ سڏرائيندو آهي پر اتي ميڊيا تي سخت پابندي آهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن اسيمبلي جي حد تائين اسان جي ٺهرائن تي ساٿ ڏنو، جيڪڏهن ريلي ۾ اپوزيشن جو چهرو نظر اچي ها ته ڪشميرين کي سٺو پيغام وڃي ها، اپوزيشن جيڪڏهن ڪشمير آور ۾ شرڪت نه ڪري سگهي ته ايندڙ ريلين ۾ شرڪت ڪري. ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏس ۾ غور ويچار ڪري رهيا آهيون پر هاڪاري نتيجا ڏسي فيصلو ڪيو ويندو آهي، فيصلو وزيراعظم مناسب وقت تي ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو ڪرپشن سان ڪو واسطو ناهي، ڪشمير سيل پنهنجون تجويزون لکندو، جن تي عمل ڪنداسين، وزيراعظم آمريڪا ويندو، جتي هو مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي ڪشميرين جو ڪيس گڏيل قومن ۾ سڀني سامهون پيش ڪندو. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ سلامتي ڪائونسل، يورپي پارليامينٽ ۾ وينداسين ۽ جنيوا ۾ هيومن رائٽس ڪميشن سامهون ڪشمير جو معاملو رکنداسين، ڀارت جتي به ويو اتي ناڪام ثابت ٿيو، ڪيترائي ملڪ ڪشمير معاملي تي اسان سان گڏ آهن. سندس چوڻ هو ته ڪو به باشعور شخص جنگ جي خواهش نٿو رکي سگهي پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پاڪ فوج ۽ عوام بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ڪرتارپور راهداري جي حوالي سان پرڏيهي وزير ٻڌايو ته راهداري جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن تي سک ڪميونٽي کي ڀليڪار چونداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نار ملڪ اسان سان گڏ بيٺا آهن ۽ بيٺا رهندا، وقت ثابت ڪندو ته نار ملڪ اسان سان گڏ بيٺا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *