ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان يورپي پارليامينٽ جي وفد ۽ برطانوي ڪابينا جي وزير ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن،  وزيراعظم چيو آهي ته پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهيون، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان يورپي پارليامينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران يورپي  وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ طريقيڪار واضح ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته جي ايس پي پلس جو درجو ملڻ سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو ۽ هڪ ڪروڙ ڊالر جي روانگي واپار ۾ واڌ پڻ ٿيندي. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم، يورپي وفد تي زور ڏنو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ اتان جي عوام جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف سان برطانوي ڪابينا جي وزير فرانس مائوڊي پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ-برطانيه لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪ-برطانيه ۾ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا جوڳي بنيادن تي قائم آهن، اعلي سطحي تي وفد جي مٽا سٽا ۽ مشارت عمل ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي خاصيت آهي.  وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *