ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين پاڪ_ڀارت لاڳاپا بحال نه ٿيندا، گڏيل قومون ظلم ختم ڪرائن: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسلسل باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي ڪچلي نٿو سگهجي، هاڻ گڏيل قومن کي عالمي امن جي محافظ طور پنهنجي ساک برقرار رکڻي پوندي، پاڪستان هميشه ڪشميرين جي حقن جي حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به جاري رکندو، ڪشميرين تي لاڳو سفري پابنديون ختم ڪيون وڃن، ڀارت عالمي برادري سان ڪيل واعدا کان ڪشمير کي محروم نٿو رکي سگهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪشمير بابت ڪيل واعدن کي پورو ڪري، فصلن ۾ ٽينڪ هلائڻ سان غربت ختم نٿي سگهي، پاڪستان جنگ جي خلاف آهي، ڪشمير سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي امن جي خواهش کي هڪ خود دار قوم جي خواهش سمجهي وڃي، ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قدم ۾ هڪ لمحو به نه لڳائينداسين، اربع تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسلسل باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، ڪشميري پنهنجي جان جي بازي لڳائي آزادي جي تحريڪ هلائي رهيا آهن، 7 لک ڀارتي قابض فوج جي باوجود ڪشميرين جا جذبا حريت کي دٻائي نه سگهيا، ڀارت ڪشميرين تي انهن جي حقن کان محروم نٿو ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته آزادي جي تحريڪ جي واڳ ڪشميري نوجوانن جي هٿ ۾ اچي وئي آهي، ڪشميرين سان پاڪستان جو تاريخي رشتو آهي، پاڪستان ڪشميرين سان هر قسم جو تعاون برقرار رکندو، اڄ اسان ٻيهر ڪشميرين جي آزادي جو عزم ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي حل بابت وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿي سگهندو، اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ڀارت ڳالهين جي ميز تي اچي پر ڀارت هميشه ڳالهين کي رد ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ڪشمير کي اٽو انگ قرار ڏئي گڏيل قومن جي قراردادن جي مذاق اڏائي پئي وڃي، ڀارت عالمي برادري سان ڪيل واعدن کان ڪشميرين کي محروم نٿو ڪري سگهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب جو حوالو ڏيندي هن چيو ته هن ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن ۾ 4 مطالبا رکيا، ڀارتي جيلن مان ڪشميري قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، ڪشميرين تي سفري پابنديون ختم ڪيون وڃن، گڏيل قومن جنرل اسيمبلي ڪشمير بابت ڪيل واعدن کي پورو ڪري، وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام مڙهي رهيو آهي ۽ اڙي حملي جي ذميواري جاچ کانسواءِ پاڪستان تي مڙهي وئي آهي، هن چيو ته 28 سيپٽمبر تي لائين آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن سبب 2 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا، هن چيو ته پاڪستان جنگ جي خلاف آهي، خطي ۾ پائيدار امن چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو مقصد اهو آهي ته تعميري سوچ سان حڪومت کي تجويزون ڏنيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *