ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرايو وڃي: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بانڪي مون کي خط ذريعي لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي گذريل هڪ هفتي کان وڌيڪ جاري ڇڪتاڻ ۽ لڳاتار جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي کان آگاهه ڪيو. خط ۾ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لا، گڏيل قومن ۾ هڪ قرارداد آڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو. سرتاج عزيز خط ۾ بانڪي مون ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، خط ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه هفتن کان ڀارتي فورسز لائين آف ڪنٽرول تي لڳاتار فائرنگ ڪري رهي آهي، ڀارپهرين آڪٽوبر کان 0 1 آڪٽوبر تائين لائين آف ڪنٽرول جي 0 2 جڏهن ته ورڪنگ بائونڊري تي 2 2 ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪيون، ان دوران ڀارتي فائرنگ سان 2 1 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 2 5 زخمي ٿيا جن ۾ 9 پاڪستاني فوجي به شامل آهن، ڀارتي فائرنگ تي پاڪستان ذميداري سان جوابي ڪاروائي ڪئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت تمام معاملن جو پُرامن حل چاهي ٿو، گذريل ڪئين ڏهاڪن کان پاڪستان گڏيل قومن ۽ بين الاقوامي برادري کي يادگيري ڪرائي رهيو آهي ته خطي ۾ امن جي قيام لا، اهي ان سلسلي ۾ پنهنجي واعدن کي پاڙين ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي کي حل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *