ڪشمير تڪرار جي حل بغير علائقائي امن ۽ ترقي ممڪن نه آهي: وزير اعظم

ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج پاران لاڳيتو سرحد پار فائرنگ جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان عزم کي ورجايو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل کانسواءِ علائقائي امن ۽ ترقي ممڪن نه آهي. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اجلاس اربع ڏينهن هتي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي صورتحال ۽ علائقائي ۽ عالمي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي گهرجن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانين تي ٻڌل ۽ انهن جي قيادت ۾ امن عمل جي حمايت جي عزم کي ورجائيندي افغانستان جي عوام ۽ حڪومت سان سمورين سطحن تي گڏجي سمورين رڪاوٽن بشمول بار بار سرحد پار فائرنگ ۽ افغانستان ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث نيٽ ورڪس جي خاتمي جو عزم ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج پاران لاڳيتو سرحد پار فائرنگ جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارتي فورسز پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ معصوم ڪشميرين تي ظلم جي سخت مذمت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم کي ورجايو ته علائقائي امن ۽ ترقي ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن جو حل نه ٿو ڪڍيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي متفقه طور تي آپريشن ردالفساد ۽ آپريشن خيبر فور سميت دهشتگردي جي خاتمي جي سمورن آپريشنن ۾ ملندڙ ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگرد عنصرن جا آخري نشان مٽائڻ تائين آپريشنز جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ڪميٽي ملڪ جي ۷۰ هين آزادي جي ڏهاڙي کي قومي جوش ۽ جذبي، اتحاد ۽ شاندار انداز ۾ ملهائڻ کي ساراهيو. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *