ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي

ڪشمور/ ڪنڌڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) ڪشمور ۾ جيءٌ جهوڙيندڙ واقعو  پيش آيو آهي، ٽول پلازا وٽ ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور طرف ايندڙ مسافر وين جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب وين کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي سڙي فوت ٿي ويا ۽  6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي ڪشمور پوليس ۽ فائر برگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي مسافر وين جي باھ تي ضابطو آندو. گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب وين کي باهه لڳي وئي، جنهن ڪري ھزار خان چاچڙ، مسمات منظوران چاچڙ، لعل خاتون بھلڪاڻي مسمات مرادان بھلڪاڻي ۽ 3 سالن جي ٻارڙي ڪائنات چاچڙ فوت ٿي ويا،  فوتين جو تعلق ڪنڌڪوٽ تعلقي سان آهي، جڏهن تھ فوتي ھڪ ئي ڪٽنب جا ٻڌايا پيا وڃن. حادثي جي زخمين کي  سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو  جتان  عبدالمجيد چاچڙ ۽ زاھد عارباڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. فائر برگيڊ عملي واقعي واري هنڌ پهچي وين کي لڳل باهه تي ضابطو آندو جڏهن تھ  وين ڊرائيور فرار ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي فوتين جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو،  افسوسناڪ واقعي تي ڪشمور ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *