ڪشمالا طارق جي پٽ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ 4 ڄڻا فوت، 4 زخمي، مڙس گرفتار

اسلام آباد  (اين اين آءِ) اسلام آباد جي جي اليون سيڪٽر ۾ ڪشمالا طارق جي پروٽوڪول ۾ شامل گاڏين سگنل ٽوڙيندي مهراڻ ڪار کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون ۾ تيز رفتار گاڏين سگنل ٽوڙيندي موٽر سائيڪل ۽ مهراڻ ڪار کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ موجود 4 دوست ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا جن کي فوري طور تي طبي امداد جي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب تيز رفتار گاڏين جو قافلو ڪشمالا طارق جي پروٽوڪول جو هو، هڪ گاڏي ۾ ڪشمالا طارق جو مڙس ۽ پٽ به موجود هئا. پوليس ڪشمالا طارق جي مڙس وقاص خان کي حراست ۾ وٺي رمنا ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪشمالا طارق جو پٽ ۽ قافلي ۾ شامل ٻيا ماڻهو واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا. رمنا ٿاڻي جي پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڪشمالا طارق جو پٽ اذان به نامزد آهي، واقعي جو ڪيس زخمي ٿيل شهري جي مدعيت ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته قانون موجب ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ايف آءِ آر موجب اڇي رنگ جي جيپ نمبر ڊبليو وائي 007 مهراڻ گاڏي کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ موجود 4 دوست فوت ٿي ويا، فوت ٿيل نوجوان مانسهره مان اي اين ايف جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ آيا هئا جڏهن ته حادثي ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار زخمي به ٿي پيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *