ڪرڪ ۾ لڳاتار برسات کانپوءِ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻارڙيءَ سميت 4 گهر ڀاتي فوت

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۽ چترال جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪرڪ ۾ لڳاتار برسات کانپوءِ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻارڙيءَ سميت 4 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا. خبيرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ لڳاتار برسات کانپوءِ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. هوڏانهن ڪرڪ واري علائقي ۾ لڳاتار برسات کانپوءِ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻارڙي سميت 4 گهرڀاتي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش گهر جي ملبي هيٺان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *