ڪرڪ انڊس هاءِ وي تي بس ۾ سيلينڊر ڌماڪو،9 ڃاڃي اجل جو شڪار،ڪيترائي زخمي

ڪرڪ(م.ڊ) انڊس هاءِ وي تي ڃڃ سان ڀريل هڪ بس ۾ سيلينڊر جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 9 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿيا،ميڊيا رپورٽن مطابق پشاور کان ڊيرا اسمائيل خان ويندي انڊس هاءِ وي جي ڪندا خرم واري هنڌ تي ڃڃ سان ڀريل بس ۾ سيلينڊر ڌماڪي سبب باهه ڀڙڪي پئي،جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتن  ۽ 2 ٻارن سوڌو 9 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا. ريسڪيو ذريعن مطابق زخمين کي اسپتال موڪليو ويو آهي،جتي سندن اعلاج هلي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *