ڪرڪ انفو پاران فخر زمان کي بهترين بيٽر ۽ شاهين آفريدي کي بهترين بالر جو ايوارڊ

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي مشهور ويب سائيٽ ڪرڪ افو پاران فخر زمان کي ونڊي ڪرڪيٽ جو بهترين بيٽر ۽ شاهين شاهه آفريدي کي بهترين ٽي ٽوئنٽي جو بالر قرار ڏنو ويو آهي. مشهور ويب سائٽ 2021ع ۾ ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪرڪيٽرن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ فخرزمان ون ڊي جو بهترين بيٽر قرار ڏنو ويو آهي. فخر زمان کي ڏکڻ آفريڪا زلاف 193 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي اهڙو ايوارڊ ڏنو ويو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف شاندار بولنگ تي شاهين شاهه آفريدي کي بهترين بالر قرار ڏنو ويو، شاهين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 31 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو هو. ڀارتي بالر رشڀ پنٿ بهترين بيٽر ۽ نيوزيلينڊ جو ڪائل جيميسن بهترين ٽيسٽ بالر قرار ڏنا ويا. بهترين ٽي ٽوئنٽي بيٽر جو ايوارڊ جوز بٽلر ۽ ڪپتان آف دي ايئر ايوارڊ ڪين وليمسن کي قرار ڏنو ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *