ڪرڪيٽ ڪرپشن مستقبل تباهه ڪري ڇڏي ٿي، غلطي ٿي وئي: شرجيل خان

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اسلام آباد جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ ڪالهه ان وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن اوپنر شرجيل خان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان مخاطب هو. هن ڪنڌ جهڪائي اسپاٽ فڪسنگ جو اعتراف ڪيو ۽ ساٿي رانديگرن کان معافي گهري ۽ کين ڪرڪيٽ ڪرپشن کان بچڻ جي هدايت ڪئي. شرجيل خان 2017ع ۾ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل بعد ري هيب پروگرام جي آخري مرحلي ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ليڪچر ڏنو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته هن ليڪچر کانپوءِ شرجيل خان جو ري هيب پروگرام مڪمل ٿي ويو ۽ هو ڪرڪيٽ مقابلن ۾ واپسي لاءِ تيار آهي. شڙجيل خان کي اڍائي سال پابندي ڀوڳڻي پئي، پاڪستان سپر ليگ ۾ کيس ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شرجيل خان جارحاڻي بيٽنگ جي ڪري شهرت رکي ٿو، 10منٽن جي تقرير ۾ هن اعتراف ڪيو ته مون اسپاٽ فڪسنگ ڪئي هئي، جنهن تي ساٿي رانديگرن کان معافي وٺان ٿو. جنوري 2017ع ۾ شرجيل خان مصباح الحق جي قيادت ۾ ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي. اظهر علي، اسد شفيق، بابر اعظم، ياسر شاهه ۽ عمرنا خان پنڊي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل هئا. شرجيل خان چيو ته ڪرڪيٽ ڪرپشن اهڙي ڌٻڻ آهي، جنهن مان واپسي ناممڪن آهي، مان ساٿي رانديگرن کي گذارش ڪيان ٿو ته ڪرپشن کان بچو، جيڪڏهن ڪير اوهان کي آڇ ڪري ٿو ته فوري طور رپورٽ ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *