ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيپيئر (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 25 هين گروپ مئچ ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي 129 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، احمد شهزاد کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو. نيوزيلينڊ جَي شهر نيپيئر ۾ کيڏيل مئچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 340 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان احمد شهزاد ۽ ناصر جمشيد اننگ جي شروعات ڪئي پر ناصر جمشيد هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ 12 بالن تي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. انکانپوءِ حارث سهيل احمد شهزاد سان گڏجي ٽيم جو اسڪور 170 رنسن تائين پهچايو. اوپنر احمد شهزاد 8 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 93 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته حارث سهيل 70 ۽ صهيب مقصود 45 رنسون ٺاهيون. ڪپتان مصباح الحق به ميگا ايونٽ ۾ ٽئين ففٽي ٺاهي ورتي،هن ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 68 بالن تي 65 رنسون ٺاهيون. 2 شاندار ڇڪا هڻي 21 رنسون ٺاهيندڙ بوم بوم آفريدي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 8 هزار رنسون پڻ مڪمل ڪري ورتيون. يو اي اي جَي فاسٽ بالر منجولا گروج پاڪستان جون 4 وڪيٽون ڪيرايون،جڏهن ته محمد نويد به هڪ وڪيٽ ورتي. 340 رنسن جي جواب ۾ گڏيل عرب امارتن جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 210 رنسون ٺاهي سگهي. يــُو اَي اِي طرفان شائمان انور 62 رنسون ٺاهي نمايان اسڪورر رهيو جڏهن ته امجد جاويد 40، خــُرم خان 43 ۽ ايس پي پٽيل 34 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شاهد آفريدي، سهيل خان ۽ وهاب رياض 2 – 2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته راحت علي ۽ صهيب مقصود هڪ هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد کي 93 رنسون ڪرڻ تي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *