ڪرڪيٽ جا شوقين عامر وانگر مون کي معاف ڪن: محمد آصف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ پابندي کانپوءِ ڪرڪيٽ ۾ واپس ايندڙ محمد آصف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي سندس ۽ محمد عامر لاءِ ٻٽو معيار اختيار ڪرڻ جي شڪايت ڪندي ڪرڪيٽ جي شوقينن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ڏوهه معاف ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قائد اعظم ٽرافي جي دوران فارم ۽ رڌم ٻيهر حاصل ڪيو آهي، جيڪڏهن قومي ٽيم ۾ موقعو مليو ته فارم کي ثابت ڪري سگهان ٿو، هن چيو ته ڊوميسٽڪ سيزن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي مان خوش آهيان جتي مان 5 ميچن ۾ 30 وڪيٽون وٺي فٽنس ۽ رڌم سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي پڻ ڏيکاري آهي، پي سي بي تي الزام مڙهيندي هن چيو ته پي سي بي منهنجي ۽ سلمان بٽ جي ڀيٽ ۾ محمد عامر سان ٻٽو معيار اختيار ڪيو آهي، مان ڪرڪيٽ جي شوقينن کي اپيل ڪريان ٿو ته جهڙي طرح انهن عامر کي معاف ڪيو مون کي معاف ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *