دير سان موقعو ملڻ باوجود ڪنهن سان ڪابه شڪايت ناهي رهي: عابد علي

 

راولپنڊي(اسپوٽس نيوز) پاڪستاني رانديگر عابد علي چيو آهي ته صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي مان صبر جو دامن نه ڇڏيو. هن چيو ته دير سان موقعو ملڻ باوجود  مون کي ڪنهن سان ڪابه شڪايت ناهي رهي.هن چيو ته 90 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ڪافي پريشان هئس پر بابر اعظم منهنجو حوصلو وڌايو. تفصيل موجب راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پنجن ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ عابد علي چيو ته دير سان موقعو ملڻ باوجود ڪنهن سان ڪابه شڪايت ناهي. مون کي پنهنجي صلاحيين تي يقين هو. ڪڏهن  به صبر جو دامن ناهي ڇڏيو. هاڻ موقعو مليو ته ان مان ڀرپور فائدو ورتو. ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ٽيسٽ ڊيبيو کي يادگار بنايان  جنهن جي ڪوشش دوران هڪ رڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويس.پهريان صبر سان کيڏندي ڪنڊيشن کي سمجهيو. ڪريز تي وقت گذاريو ته سيٽ ٿيندو ويس اننگز کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ 5.5 اوورز جو پلان ٺاهيو  90 رنسن کان پوءِ ڪافي پريشان هئس.ساٿي رانديگر بابر اعظم حوصلو وڌايو ۽ ڪوبه دٻاءُ وٺڻ بجاءِ رنسون ٺاهڻ جي لاءِ خراب بالن جو انتظار ڪرڻ جو چيو. راولپنڊي، اسلام آباد جي ڪنڊيشن ۾ 4 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهيان ان لاءِ پراعتماد هئس ته بهترين راند کيڏڻ ۾ ضرور ڪامياب ويندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *