ڪرڪيٽ کيڏڻ دوران به منهنجو جذبو فوجين جيان هوندو هو: جاويد ميانداد

 

لاهور(اسپوٽس نيوز)  اڳوڻي قومي ڪپتان جاويد ميانداد فوجي ڪيپ پائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان ڪرڪيٽر نه بڻجي سگهان ها ته فوج ۾ ئي وڃان ها.ڪرڪيٽ کيڏڻ وقت به منهنجو جذبو فوجين وارو هوندو هو. مون ڪرڪيٽ کيڏڻ دوران اهو ڏيکاريو ته ملڪ جي لاءِ ڪيئن وڙهيو ويندو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ جاويد ميانداد چيو ته پاڪ فوج جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو ۽ انهيءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ فوجي ڪيپ پائيندو آهيان.جڏهن جاويد ميانداد کان پڇيو ويو ته هن هي ڪيپ ڀارتي رانديگر جي فوجي ڪيپ پائڻ جي جواب ۾ پاتي. ته جاويد ميانداد جواب ڏنو ته مان ڪرڪيٽ ڪنهن کي ڏسي ناهي سکي.هن چيو ته مان راولپنڊي ٽيسٽ ڏسڻ جي لاءِ مهمان خاص گهرائڻ تي چيئرمين پي سي بي احسان ماني جو ٿورائتو آهيان.ياد رهي ته جاويد ميانداد صدر عارف علوي سان ملاقات ۽ راولپنڊي ٽيسٽ جي دوران فوجي ڪيپ مٿي تي پاتي هئي.ڪرڪيٽ جي شوقينن جي وڏي انگ جاويد ميانداد جي پاڪ فوج سان ان جذبي جي ڪافي تعريف ڪئي ۽  ان سان نه صرف هٿ ملايو پر ان سان سيليفون به ورتيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *