ڪرڪيٽر عثمان صلاح الدين کي جهاز ۾ ناري پسند، اڄ شادي ڪندو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عثمان صلاح الدين کي قدرت سندس امڪاني جيون ساٿي کي جهاز جي سفر ۾ ملائي ڇڏيو آهي، مڊل آرڊر  بلي باز سڀاڻي 21 جنوري تي صبا عارف جو گهوٽ بڻبو.عثمان ۽ صبا جو نڪاح گذريل سال فيبروري ۾ ٿيو هو، جڏهن ته وليمي واري تقريب 27 جنوري تي لاهور ۾ ٿيندي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عثمان صلاح الدين جا ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ آهي، سندس ڀيڻ جو نالو به صبا آهي، جڏهن ته سندس ٿيندڙ گهر واري صبا به ٽن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ آهي.28 ورهين جي صلاح الدين مطابق گذريل سال ڪراچي کان لاهور ويندي جهاز ۾ ان جي صبا عارف سان ملاقات ٿي هئي، شروعاتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن باقاعده صبا جي گهر رشتو اماڻيو جيڪو قبول ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *