ڪرڊاشين سسٽرز جون همشڪل دبئي سسٽرز سڀني جي توجهه جو مرڪز

 

دبئي(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارائن ڪم ڪرڊاشين ۽ ڪائلي جينز جي همشڪل دبئي جي رهواسي ٻن ڀينرن سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي ۽ انهن کي ڏسي ڪير به اهو اندازو نه ٿو لڳائي سگهي ته هو هالي ووڊ اداڪارائون ناهن.عرب ميڊيا موجب دبئي جون رهواسي ڀينرون سونيا ۽ فائزه علي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون جن کي ڏسي گمان ٿيندو آهي ته هو هالي ووڊ سسٽرز ڪم ڪردارشين ۽ ڪائلي جينر ئي آهن.سونيا علي چيو ته ٻه سال اڳ جڏهن اسان لاس انجلس ۾ رهياسين ته اتي موجود ماڻهن انهن جي ڀيٽ ڪرڊاشين سسٽرز سان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.فائزا علي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ گهڻي قدر ماڻهوغلطي سان انهن کي ڪم ڪرڊاشين ۽ ڪائلي جينر ئي سمجهي ويهندا ۽ اهو گهڻي قدر آمريڪا ۾ ئي ٿيندو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *