ڪرپٽ قيادت سبب پاڪستان قرضي بڻجي ويو آهي: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ قيادت سبب پاڪستان قرضي بڻجي ويو آهي، ڪرپٽ قيادت سبب نوجوان ڊگريون حاصل ڪري به بيروزگار آهن. لاهور ۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستانين پنهنجي طاقت سان وڏين طاقتن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، قوم پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز کي ڪيترائي ڀيرا اقتدار نوازيو، پر غريبن جا مسئلا حل نه ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ غريبن وٽ وسيلا ناهن، بلوچ عوام جي ڦٽن تي مرهم رکڻ وارو ڪير به ناهي. سنڌ جيان پنجاب غريب آهي. محب وطن بلوچن کي سيني سان لڳائڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *