ڪرپشن ۾ ملوث تمام شخصيتن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي: جلال محمود شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر جلال محمود شاهه چيو آهي ته ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ لاءِ سخت احتساب ۽ ڪرپشن ۾ ملوث مڙني ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، گذريل ڏينهن حيدر منزل تي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته پ پ هڪ طرف پاناما ليڪس معاملي تي مسلم ليگ ن تي الزام هڻي رهي آهي پر ان سان گڏ سياسي سوديبازي ذريعي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، حقيقت ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ ن ڪرپشن معاملي تي هڪٻئي جو عملي طور دفاع ڪري رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده ڪرپشن جو سيلاب سياسي، اخلاقيات کي لوڙهي ڇڏيو آهي، مسلم ليگ جي حڪومتن مٿانهين سطح تي ڪرپشن ڪنديون رهيون آهن، جڏهن ته پ پ هيٺ ۽ مٿي ڪرپشن ڪري بدنام ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين 662 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، حقيقت ۾ ڪرپشن ته لکن ۽ ڪروڙن ۾ ٿيندي آهي، جڏهن ته 662 ارب رپين جي ڪرپشن ڪجهه صوبن جي بجيٽ برابر آهي، بلوچستان ۾ اڳوڻي فنانس سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي گرفتار ۽ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم هٿ اچڻ بهترين قدم آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ به ڪرپٽ سياستدانن ۽ عملدارن جي گهرن جي تلاشي ورتي وڃي ته شايد ان کان وڌيڪ دولت ملي سگهي ٿي، جلال محمود شاهه چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ڪنٽرولڊ جمهوريت جي پيداوار آهن ۽ ڪرپشن سبب طاقتور بڻيون آهن، ٻنهي پارٽي جا اڳواڻ ڪرپشن کي جائز سمجهن ٿا. هن چيو ته ملڪ جو هر هڪ فرد هڪ لک 20 هزار رپين جو قرضي آهي، ٿر ۾ غذا ۽ دوائون نه ملڻ سبب معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن، سنڌ ۾ 50 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته عام ماڻهو کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي، هن چيو ته ملڪ کي ايماندار سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ موجوده بحران جو حل اهو آهي ته سخت کان سخت احتساب شروع ڪيو وڃي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *