ڪرپشن ۽ نااهلي سبب اڄ عوام پريشان آهي، عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ عوام جو فيصلو آهي: شهباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف بجلي، گيهه جي قيمتن ۾ واڌ کي عمران نيازي جو هڪ ٻيو يوٽرن ڪوٺيندي چيو ته پهريان ئي چيو هو ته عمران نيازي بجلي ۽ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون نه وڌائڻ جي اعلان تي يوٽرن نه وٺي پر ان روايت نه ڇڏي بجيٽ تائين بجلي ۽ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون نه وڌائڻ جو عمران نيازي جو بيان قوم سان هڪ ٻيو ڪوڙ ۽ ڌوکو ثابت ٿيو بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا في يونٽ مهينيوار واڌ عوام جي خلاف پرڏيهي سازش آهي جيڪا پي ٽي آئي حڪومت ڪئي آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 58 ارب رپين جو اضافي بار مهانگائي سان تباهه عوام تي وجهڻ ظلم زيادتي جي حد آهي هي آهي اهو ظلم جنهن کي روڪڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ آندي آهي، عوام دشمن، ڪوڙي حڪومت کان ڇوٽڪارو ئي قوم کي مهانگائي جي ظلم کان نجات ڏياريندو آئي ايم ايف کي پاڪستان جي معاشي مفادن جا هٿ ڪٽي ڏنا. بجلي گيهه اگهن ۾ واڌ سان عوامي رليف جي ڪوڙ جو پول کلي چڪو آهي گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 15 رپيا، گذريل مهيني کاڄرو تيل 75 رپيا في ليٽر، گيهه جي في ڪلو قيمت 66 رپين تائين اضافو پهريان ئي ٿي چڪو آهي بجيٽ خسارو رڪارڊ 4.3 ٽريلين کان مٿي جي خطرناڪ سطح تي پهچي ويو آهي هي معاشي تباهي جو چٽو ثبوت آهي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو بجيٽ خسارو روينيو ۽ قومي آمدني ۾ واڌ جي حڪومتي دعوائن کي ڪوڙ ثابت ڪري رهيو آهي هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت بجيٽ خساري جو 318 ارب رپين جو پنهنجو حدف حاصل نه ڪري سگهندي هي جي ڊي پي جي 8 سيڪڙو برابر آهي هي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ عالمي ۽ ملڪي قرض ورتا ويندا حقيقتون ٻڌائي رهيون آهن ته حڪومت ناڪام ٿي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *