ڪرپشن ڪيس: ڊاڪٽر عاصم جي گهرڀاتين کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب  اربين رپين جي ڪرپشن ۽ زمينن تي قبضي جي خلاف گرفتار ڏوهاري ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرڀاتين کي به جاچ ۽ پڇاڳا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تفصيل مطابق نيب پاران ڏوهاري ڊاڪٽر عاصم حسين جي خلاف گهيرو وڌيڪ سوڙهو ڪيو پيو وڃي.ڪرپشن ۽ دوکي جي الزام ۾ نيب ڏوهاري عاصم حسين جي گهرڀاتين کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نيب ذريعن مطابق ضياالدين ٽرسٽ جي ٽرسٽيز ۾ شامل ڪو چيئرمين ۽ ڊاڪٽر عاصم جي ماءُ، ڌيءُ ۽ پٽ کانسواءِ،سندس ڀيڻ ۽ ناٺين کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.ضياالدين اسپتال جي انتظاميا ۾ شامل ڊاڪٽر عارف حسين،ڊاڪٽرشائق،ڊاڪٽر ڪاشف ۽ صفدر کان به پڇا ڳاڇا ٿيندي.ڊاڪٽر عاصم ۽ ضياالدين اسپتال جي ٽرسٽيز ۾ شامل ميمبرن تي الزام آهي ته هنن خيراتي اسپتال کي ڪمرشل بنيادن تي هلايو ۽ غير قانوني طور تي ملڪيت ٺاهي.ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرڀاتين کان مني لانڊرنگ ۽ خيراتي اسپتال جي نالي تي سرڪاري اراضي تي قبضي جي جاچ به ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *