ڪرپشن ڪنهن به سوسائٽي لاءِ وڏو ناسور آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستاني عوام ذهني طور تي ميچيوئر ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ تبديلي جو فيصلو بيلٽ باڪس ذريعي ٿيڻ گهرجي، سي پيڪ منصوبي سان سمورو خطو فائدو حاصل ڪندو، پاناما پيپر تي سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڪندي قبول ڪنداسين، آئينده ڪڏهن به ڪنهن شهر کي لاڪ ڊآئون جي اجازت نه ڏني ويندي، انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني عوام ذهني طور ميچيوئر ٿي چڪو آهي، ۽ اهو چاهي ٿو ته چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي ۽ ان کانپوءِ ٻيهر عوام اهو فيصلو ڪندي ته ڪهڙي حڪومت ڪامياب آهي ۽ ڪهڙي ناڪام آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ تبديلي جو فيصلو بيلٽ باڪس ذريعي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عوام جي سنجيندگي ۽ ذهني ميچيوئرٽي جو اهو نتيجو آهي ته عمران خان 2 ڏينهن تائين رستن تي نڪرڻ جو سڏ ڏيندو رهيو ته هو ملڪ ۾ باهيون ڏئي احتجاج ڪري پر ملڪ ۾ ڪٿي به وڏي پيماني تي ڪو احتجاج سامهون نه آيو جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ گهٽتائي جو چٽو ثبوت آهي، هن چيو ته ملڪ ترقي جي دڳ تي هلي رهيو آهي، ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم نواز شريف 22 اپريل تي پاناما پيپرز جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکيو هو پر پي ٽي آءِ بنا سبب احتجاج ڪري قوم جا 6 مهينا ضايع ڪيا ۽ هاڻ ٻيهر ان ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي جنهن کي حڪومت ڀليڪار ڪيو آهي، عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اهو سان کي قبول هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *