ڪرپشن ڪندڙ چوڌري نثار کان ڊنل آهن، شرجيل ميمڻ قوم کي جواب ڏئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙ چوڌري نثار کان ڊڄي رهيا آهن شرجيل ميمڻ صاحب توهان پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ اجايون ررڙيون ڪري رهيا آهيو چوڌري نثار پاڪستان جو گهرو وزير آهي ان جي ديانتداري ۽ ڪردار تي آڱر کڻڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو. شرجيل ميمڻ صاحب توهان جيتريون رڙيون ڪندو اوترو چوڌري نثار جي احتساب کان بچي نه ٿا سگهو. جواب ته ڏيڻو ئي پوندو. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته شرجيل ميمڻ ررڙيون ڪري پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن نه ٿو لڪائي سگهي. هن چيو ته چوڌري نثار کي پاڪستاني قوم اعتماد ڪري گهرو وزير بڻايو آهي شرجيل ميمڻ صاحب توهان قوم کي جواب ڏيو ته چوري ۽ ڪرپشن ڇو ڪئي؟ هن چيو ته چوڌري نثار اهو نالو آهي جيڪو وزيراعظم جي سوچ موجب پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪري رهيو آهي. چوڌري نثار اهو آهي جيڪو توهان جي گذريل دور جي ڪرپشن جو گند صاف ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *