ڪرپشن لڪائڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي: عمران خان

شانگلا  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن لڪائڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ نه ڪئي پئي وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن پوليس ٺيڪ هجي ها ته رينجرز کي اچڻو نه پوي ها، ڪرپشن لڪائڻ لاءِ اختيارن ۾ واڌ نه ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي پوليس تباهه ٿي وئي آهي، رينجرز کانسواءِ امن بحال نه ٿيندو، هن چيو ته تبديلي بلدياتي نظام تحت اچي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف سبب ن ليگ ۽ پ پ تي دٻاءُ وڌيو، هن چيو ته حڪمران ٻڌائين ته انهن جا اثاثا ڪيترا آهن، عوام جي محنت جو پيسو چوري ٿي ٻاهر وڃي رهيو آهي، نواز شريف ۽ پرويز مشرف جو ڀاءُ ڪنهن ٻئي جو ڀاءُ نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ته جئين غريبن جا ٻارڙا اڳتي وڌي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *