ڪرپشن رڳو سنڌ نه پر ٻين صوبن ۾ به ٿي رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪرپشن رڳو سنڌ نه پر ٻين صوبن ۾ به ٿي رهي آهي، پر ڪاررواين جا تير رڳو سنڌ ۾ هلايا پيا وڃن. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاههچيو ته نواز ليگ پارليامينٽ کي اهميت نه پئي ڏي، پ پ پنهنجي دور ۾ وفاق کي مضبوط ڪيو، پر موجوده سرڪار فيڊريشن کي ڪمزور ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪرپشن جو راڳ الاپي سنڌ تي تيرا هلايا پيا وڃن، حڪومت ٻڌائي ته ڇيا ٻيا صوبا ڪرپشن کان پاڪ آهن؟. خورشيد شاهه چيو ته هـــــو ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنوانين جو خاتمو چاهين ٿا، جڏهن ته ملڪ کي ڪرپشن جي ناسور جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي اپوزيشن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن، لڳي رهيو آهي ته حڪومت اولهه روٽ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته نواز ليگ سرڪار رڳو اعلانن جو لولي پاپ ڏئي رهي آهي، پنجاب ۾ اورينج ٽرين منصوبي تي 60 ارب خرچ ڪيا ويا، پر عوام کي فائدو نه ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *