”ڪرپشن خلاف تحريڪ ۾ ساٿ ڏيو“ شاه محمود قريشي جو بلاول ڀٽو ۽ خورشيد شاهه سان فون تي رابطو

اسلام آباد (بيورو)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين مخدوم شاهه قريشي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي، ذريعن مطابق پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران ڪرپشن خلاف 26 اپريل کان سنڌ مان تحريڪ شروع ڪرڻ واري اعلان جي سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي پ پ چيئرمين ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، ذريعن ٻڌايو ته تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته سنڌ کان ڪرپشن خلاف مهم جي سلسلي ۾ صوبي جي سڀ کان وڏي سياسي ۽ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي پاڻ سان ملايو وڃي، ان سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي فون تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ خورشِد شاهه سان رابطو ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي فون تي رابطي دوران بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن خلاف تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ هن خورشِد شاهه سان رابطو ڪيو، ذريعن مطابق فون رابطي دوران شاهه محمود قريشي ۽ خورشيد شاهه ۾ اڄ شام ملاقات جو طئه ڪيو ويو، جنهن ۾ نه رڳو ڪرپشن خلاف تحريڪ پر پاناماليڪس جي حوالي سان حڪومت پاران اعلانيل عدالتي جاچ ڪميشن بابت به گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *