ڪرپشن جي خلاف جنگ جلد ئي کٽڻ وارو آهيان: عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف جنگ تمام جلد کٽڻ وارو آهيان انسانن تي پيسو خرچ ڪرڻ ۽ ادارن جي مضبوطي سان ترقي ممڪن آهي استاد ٻارڙن کي سچ ڳالهائڻ جو سبق ڏين سرڪاري اسڪولن جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيا آهيون تعليم صحت ۽ انصاف جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي سي ايم هائوس ۾ ٽيچر ڊي جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان سرڪاري اسڪولن جي حالت خراب آهي ۽ غريب جي ٻارڙن کي اڳتي نٿو ڇڏيو وڃي. اسان انگريزن جو نظام تعليم به تباهه ڪئي آهي هن چيو ته موجوده صوبائي حڪومت تعليم جي نظام کي بهتر بڻايو ۽ 34 هزار ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ اچن پيا. استاد قوم جا معمار آهن استاد ۽ پروفيسرن جون پگهارون وڌيڪ وڌائينداسين ڇو ته قومون تعليم سان ئي بڻجنديون آهن. رستن جي اڏاوت سان قومون نه بڻبيون آهن هن چيو ته اسپتالن کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون تعليم صحت ۽ انصاف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *