ڪرپشن جو خاتمو ۽ لٽيل دولت واپس آڻڻ پهرين ترجيح آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ۽ عوام جا لٽيل پيسا واپس آڻڻ پهرين ترجيح آهي، نيب ڪرپٽ ماڻهن کان عوام جا لٽيل اٽڪل 297 ارب رپيا هٿ ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن جيڪا هڪ رڪارڊ ڪاميابي آهي، هن چيو ته جعلي هائوسنگ سوسائٽيز خلاف نيب جي جاچ قانون موجب پوري ڪنداسين، نيب مفتي احسان مضاربه ڪيس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو هو، احتساب عدالت هن ڪيس ۾ 10 سالن جو قيد ۽ 9 ارب رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيڪا نيب بهترين پراسيڪيوٽر جي ڪري سڀ کان وڏو ڪيس کٽيو، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيب هيڊڪوارٽرز ۾ کلي ڪچهري دوران عوام جي هائوسنگ سوسائٽين، مضاربه / مشارڪه اسڪينڊل ۽ ٻي ڪرپشن بابت شڪايت کي نهايت ڌيان ۽ اطمينان سان ٻڌڻ کانپوءِ ڪيو. نيب چيئرمين پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ نيب آفيسرن کي خطاب ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته اهي هر مهيني جي آخري خميس تي عوام جي ڪرپشن بابت شڪايتون پاڻ نيب هيڊڪوارٽرز ۾ ٻڌندو، واعدي تي عمل ڪندي جاويد اقبال هر مهيني جي آخري خميس تي نيب هيڊڪوارٽرز ۾ کلي ڪچهري ۾ سڄي ملڪ مان آيل شڪايت ڪندڙن جون شڪايتون ڌيان ۽ اطمينان سان ٻڌي ٿو پر شڪايت تي موقعي تي ضروري حڪم پڻ جاري ڪري ٿو. ان کانسواءِ جاويد اقبال جي هدايت تي نيب جي سمورن علائقائي آفيسن جي ڊائريڪٽر جنرلز هر مهيني جي آخري خميس تي عوام جي ڪرپشن بابت شڪايت پنهنجي علائقائي آفيسن ۾ پاڻ ٻڌي ٿو ته جنهن جي ڪري نه رڳو نيب تي عوام جو اعتماد وڌيو آهي پر سمورن شڪايتن ڪندڙن جاويد اقبال جي ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *