ڪرپشن جو جنازو سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندو ۽ آخري فتح عوام جي ٿيندي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپشن جو جنازو سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندو ۽ آخري فتح عوام جي ٿيندي، جي آءِ ٽي مان پاناما ڪيس جي بينچ ۾ شامل ٻن ججن جي فيصلي کي تقويت ملي آهي، پاناما اسڪينڊل ۾ اشرافيا، ڪاروباري ماڻهن ۽ ججن سميت جن 600 ماڻهن جا نالا آهن انهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته حڪومتي وڪيل قانوني دليل ڏيڻ جي بدران ڪيس کي سياسي ايشو بڻائڻ تي لڳل آهن جيئن پنهنجي موڪل کي سياسي شهيد جي طور تي پيش ڪن، حڪمران آئين کي ” ٽوٿ پڪ“ جيان استعمال ڪندا آهن اسان اها ئي اپيل هئي ته قلم 63،62 جي روشني ۾ وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي، وزير اعظم اسيمبلي فلور کي پنهنجي ذاتي ڪاروبار جي لاءِ استعمال ڪيو ۽ عدالت ۽ اسيمبلي ۾ ڪوڙ ڳالهايو. هن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي انڪشاف کان پوءِ سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *