ڪرپشن جا الزام: نيب طرفان ايف بي آر جي 3 اڳوڻن چيئرمينن، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي خلاف جاچ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) مبينه ڪرپشن جي الزامن تي ايف بي آر جي 3 اڳوڻن چيئرمينن سلمان صديق، عبدالله يوسف، علي ارشد حڪيم ۽ اڳوڻي ڪليڪٽر ڪسٽم ميان اظهر مجيد سميت ٻين ماڻهن خلاف انڪوائريءَ جو حڪم ڏنو آهي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين نيب قمر الزمان چوڌري جي صدارت ۾ نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ ٿيو. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ايف بي آر ۾ هڪ پرڏيهي ڪمپني جي ڪمپيوٽرائزيشن لاءِ اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ تي ايف بي آر جي 3 اڳوڻن چيئرمينن سلمان صديق، عبدالله يوسف، علي ارشد حڪيم ۽ اڳوڻي ڪليڪٽر ڪسٽم ميان اظهر مجيد، ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم اشعر عظيم گل خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني، جنهن سان قومي خزاني کي هڪ ڪروڙ 10 لک ڊالر نقصان پهچڻ کان علاوه 65 ڪروڙ پرڏيهي ڪمپني جا ڪليم واجب الادا آهن، ڪمپنيءَ کي غير قانوني طريقي سان ڪانٽريڪٽ ملڻ تي ڪراچي پورٽ تي شين جي ڪليئرنس دوران ڪسٽم جي مد ۾ ڳرو مالي نقصان ٿيو. بورڊ ميسرز تاندليا نواله شوگر ملز ۽ ٻين خلاف پڻ انڪوائري جي پڻ منظوري ڏني. ان کان علاوه بورڊ فراڊ ۽ دوکي سان عوام جو پئسو لٽيندڙ ڪمپني ايم ايس اَي سي اِي سيڪيورٽيز خلاف پڻ جاچ جي منظوري ڏني. بورڊ جي اجلاس دوران ٻين اهم نوعيت جي معاملن جي جاچ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. بورڊ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير مغل، اڳوڻي رجسٽرار محمد نواز ناريجو، اڳوڻي رجسٽرار محمد حسين شيخ ۽ ٻين خلاف پڻ تحقيقات جي منظوري ڏني، مٿن اختيار اورانگهڻ ۽ سرڪاري فنڊن جو غلط استعمال ڪرڻ جا الزام آهن. ايگزيڪيوٽو بورڊ ڊي جي نيب ڪراچيءَ کي ان معاملي جي 6 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي ايم ڊي پي ٽي وي يوسف بيگ مرزا خلاف غير قانوني مقررين ۽ سامان جي خريداريءَ ۾ ڪرپشن جي مبينه الزامن تي ثبوت نه ملڻ تي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي قمر الزمان چوڌري چيو ته نيب ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي. هن نيب آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي انڪوائريون ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *